رتن جوتو مل ڇڳاڻي

رتن جوتو مل ڇڳاڻي: مشهور فنڪار ۽ موسيقار، رتن جوتو مل ڇڳاڻيءَ جو جنم، پهرين جنوري 1924ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس تعليم بي. اي هئي. هيءُ لاڙڪاڻي اميچوئر ناٽڪ منڊليءَ جو گائڪ هو. هن ڪيترن ناٽڪن جا گيت ڳايا ۽ گيتن کي موسيقي ڏني.هن اردو فلم ’محبت ڪي جيت‘ (1943ع) ۽ ’آزاديءَ جي آندولن‘ ۾ هوندراج ’دکايل‘ سان گڏ ڪجهه گيت ڳايا. سندس ڪيترائي گيت آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيندا رهن ٿا. ورهاڱي کان پوءِ هندستان هليو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو